اسلام آباد – 29 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ??ي ٻوڏ متاثرين سان يڪجهتي ۽ حمايت جي ڀرپور اظهار لاءِ ڀائر ملڪ ترڪيه جا چار جهاز امدادي سامان کڻي ڪراچي پهچي ويا آهن. پرڏيهي آفيس ج?? ترجمان ه?? بيان ۾ چيو ته ترڪ حڪومت پا??ان موڪليل امدادي سامان جي کيپ صدر رجب طيب اردوان جي هن مشڪل وقت ۾ پاڪستاني عوام جي هر قسم جي مدد جي عزم جو حصو آهي. پرڏيهي وزارت جي عملدارن انساني امداد کڻي ايندڙ اڏامن جي آجيان ڪئي. ڪراچي ۾ ترڪيه جي قونصل جنرل سيمل سانگو امدادي شيون پاڪستاني عملدارن جي حوالي ڪيون. ترجمان موجب امدادي سامان ۾ خيما، دوائون، کاڌي پيتي جون شيو?? ۽ ??يو ضروري سامان شامل آهي.