??يد??آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) سڄي ملڪ وانگر ??يد??آباد ۾ به ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار جي سلسلي ۾ استحصال ڏهاڙو ملهايو ويو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ??يد??آباد فواد غف??ر سومرو ۽ ايڊيشنل ڪمشنر ون ??يد??آباد فرخ شهزاد جي قيادت ۾ شهباز بلڊنگ ??يد??آباد کان هڪ واڪ جو اهتمام ڪيو ويو جيڪا ٿڌي سڙڪ کان ٿيندي پوسٽ ماسٽر جنرل جي آفيس تي پڄاڻي تي پهتي. واڪ جي پڄاڻي تي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر ??يد??آباد فواد غف??ر سومرو چيو ته گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشميري مسلمانن کي انهن جي خودمختياري جو حق ڏنو وڃي جڏهن ته ڀارت پنهنجي طاقت ذريعي ڪشميري ڀائرن تي ظ??من جو سلسلو بند ڪري، دنيا ۾ ڀارت جو مڪروهه چهرو بي نقاب ٿي چڪو آهي ??ه هو هڪ ظالم ۽ جابر ملڪ آهي ??يڪو بيگناهه ڪشميري ڀائرن تي ظلم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستن جو هر شخص آخري دم تائين ڀارت جي اهڙي ناروا سلوڪ جي خلاف پنهنجو آواز بلند ڪندو رهندو. ڊپٽي ڪمشنر ??يد??آباد فواد غف??ر سومرو وڌيڪ چيو ته ڪشمير پاڪستان جو حصو آهي ۽ اهو ڏينهن پري نه آهي ??ڏهن ڪشميرين کي ڀارت جي ظ??من مان ڇوٽڪارو ملندو، اسان بحيثيت پاڪستاني پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ آهيون. واڪ ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ??يد??آباد قائم اڪبر نمائي، اسسٽنٽ ڪمشنر هيڊڪوارٽر ڪمشنر آفيس سجاد کهڙو، ايڊيشنل ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر محبوب الزمان، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر رضا محمد ميمڻ، وفاقي ۽ صوبائي کاتن جي آفيسرن کانسواءِ سماجي تنظيمن ڀائي خان ويلفيئر ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري محمد ياسين آرائين، يوٿ ويلفيئر سوسائٽي جي باني ۽ جنرل سيڪريٽري سيد ??هي?? الدين شاهه، مرڪزي صدر لالا علي بخش پٺاڻ کانسواءِ ٻين سماجي تنظيمن جي عهديدارن، مختلف اسڪولن جي شاگردن، اسڪائوٽس، استادن ۽ عوام جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.