ڪوئيٽا – 01 – آگسٽ (اي پي پي) بلوچستان اسيمبلي جي ميمبر مير سليم کوسا چيو آهي ته وا??ار??ل ڄمو?? ۽ ??شمير ڪيترن ئي سالن کان غيرقانوني طور تي ڀارتي فوج جي گهيري ۾ آهي، وا??ار??ل ڄمو?? ۽ ??شمير ۾ انساني حقن جي سنگين پائمالين جو سلسلو جاري آهي. مودي سرڪار 5 آگسٽ 2019ع تي وا??ار??ل ڄمو?? ۽ ??شمير جي قانوني حيثيت تبديل ڪري معصوم ڪشميرين تي ظلم ۽ ڏاڍ ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشمير استحصال ڏاهڙي جي موقعي تي اي پي پي سان ڳالهائيندي ڪيو. صوبائي اسيمبلي ميمبر مير سليم کوسا چيو ته تڪراري علائقي جي جاگرافيائي حيثيت کي تبديل ڪرڻ، گڏيل قومن جي قراردادن جي خلاف ورزي آهي. هن چيو ته وا??ار??ل ڄمو?? ۽ ??شمير ۾ ڀارتي فوج جي هٿان هڪ لک کان وڌيڪ ڪشميري پنهنجي جانين تان هٿ ڌوئي ويٺا آهن جيڪو انساني حقن جي تنظيمن جي لاءِ پڻ سواليه نشان آهي. هن وڌيڪ چيو ته عالمي برادري جي اخلاقي ??مي??اري آهي ته اها ڪشميرين جي انساني ۽ سياسي حقن جي لاءِ آواز اٿاري. هن چيو ته پاڪستان سدائين ڪشميري عوام سان يڪجهتي ۽ انهن جي خودمختياري جي حق سان گڏ بيٺل آهي. بلوچستان جي عوام پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ويٺل آهي. عالمي اڳواڻن جي خاموشي ڀارت کي ڪشمير تي غيرقانوني قبضي ۽ ظلمن کي جاري رکڻ جو جواز فراهم ڪري رهي آهي. الله ت??اليٰ ڪشميري عوام کي انهن جي آزادي جي جدوجهد ۾ ڪاميابي عطا فرمائي.