اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه سردار ??ختر مينگل ۽ بلوچستان عوامي پارٽي جي پارلياماني ليڊر خالد مگسي ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب ان موقعي تي هن وزيراعظم شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ت??قي جي لاءِ وفاقي حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ملاقات دوران وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ عوامي ڀلائي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم تي اختر مينگل، خالد مگسي ۽ ان جي ساٿين ج?? ٿورا مڃيا. ان موقعي تي مسلم ليگ (ن) جا قومي اسيمبلي ميمبر خواجه سعد رفيق، سردار ??ياز صادق ۽ راڻا ثناءُ الله پڻ موجود هئا.