اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير ??خدوم شاهه محمود قريشي سان جمهوريه مصر جي پرڏيهي ??زي?? سامح حسن شڪري پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ سميت اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير ??خدوم شاهه محمود قريشي او آءِ سي پرڏيهي ??زي??ن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان اچڻ تي مصري پرڏيهي ??زي?? جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته او آءِ سي پرڏيهي ??زي??ن واري ڪائونسل جو اجلاس اهڙي وقت ۾ ٿ?? رهيو آهي جڏهن پاڪستان پنهنجي قائم ٿيڻ جي 75 هين سالگرهه ملهائ?? رهيو آهي. مخدوم شاهه محمود قريشي وڌيڪ چيو ته مصر خطي جو هڪ اهم ڀائر ملڪ آهي. هن چيو ته مصري صدر عبدالفتاح السيسي جي قابل قيادت ۾ مصر جو سياسي استحڪام ۽ سلامتي طرف سفر خوشي جوڳو آهي. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته ٻنهي ملڪن جي عوام گڏ??ل عقيدي ۽ ثقافتي وابستگين جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌل آهي. ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ علائقائي ۽ عالمي معاملن جي حوالي سان موقف ۾ هم آهنگي اطمينان جو سبب آهي. مصر جي پرڏيهي ??زي?? سامح حسن شڪري شاندار استقبال ۽ پرخلوص ميزباني تي پرڏيهي وزير ??خدوم شاهه محمود قريشي جا ٿورا مڃيا.