اسلام آباد – 08 – مارچ (اي پي پي) سينيٽ چي??رمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪستان ازبڪستان سان پنهنجي ڀائراڻ?? لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي، مذهبي ۽ ثقافت?? لاڳاپا آهن، پاڪستان ازبڪستان سان ويجهي ڀائراڻ?? لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ازبڪستان جي سفير ايبڪ عارف عثمانوف سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن پارليامينٽ هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽ چي??رمين چيو ته پاڪستان ازبڪستان سان پنهنجي ڀائراڻ?? لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي، مذهبي ۽ ثقافت?? لاڳاپا آهن، هن چيو ته پاڪستان ازبڪستان سان ويجهي ڀائراڻ?? لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. ازبڪستان وچ ايشيائي ملڪن جو اهم ملڪ آهي ۽ پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ معيشت، دفاع، ثقافت، تعليم، واپار ۽ سياحت جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي سخت ضرورت آهي.