اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته مخالف ڌر پارٽيون پيٽروليم مصنوعا?? جي قيمتن ۾ اضافي تي تنقيد ??ري رهيون آهن پر ڪنهن به تنقيد جو اهم رخ اهو هوندو آهي ته توهان متبادل ڏيندا آهيو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هاڻي مخالف ڌر ٻڌ??ئي ته عالمي منڊي ۾ تيل 60 ڊالر مان 95 ڊالر في بيرل تي پهچي وڃي ته حڪومت قيمت ڪيئن نه وڌائي؟ ڪو جادو جو چراغ آهي ته ٻڌ??ئي ڇڏين.