اسلام آباد – 31 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان غي?? ملڪي سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ سان گڏوگڏ قومي اقتصادي ترقي جي هدفن کي اڳتي وڌائن لاءِ پنهنجي جيو اڪنامڪ جاگرافيائي بيهڪ جي بهترين استعمال تي ڌيان ڏئي رهيو آهي، سڌو سنئون غي?? ملڪي سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ۽ سازگار ڪاروباري ماحول پيدا ڪرڻ جي سلسلي ۾ هڪ جامع فريم ورڪ جي فر??همي جي لاءِ اقتصادي پاليسي جوڙي وئي آهي. صدر عارف علوي اها ڳالهه آمريڪن بزنس فورم جي صدر وسيم انور جي قيادت ۾ هڪ وفد سان ڳالهائيندي چئي جنهن ايوان صدر ۾ ملاقات ڪ??ي، وفد سان ڳالهائيندي صدر چيو ته پاڪستان هڪ آ??اداڻي سيڙپڪاري جو نظام متعارف ڪرايو آهي ۽ غي?? ملڪي سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ لاءِ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ سرگرم عمل آهي، هن چيو ته آمريڪي واپارين کي پاڪستان جي معيشت جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري لاءِ سيڙپڪاري دوست پاليسي مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. صدر وفد جي ميمبرن تي زور ڏنو ته هو عورتن ۽ خصوصي ماڻهن کي مالي امداد طور تي بااختيار بڻائڻ لاءِ انهن جي مهارتن جي ترقي لاءِ ڪم ڪن ۽ کين پاڪستان ۾ قائم پنهنجي لاڳاپيل فرمن ۾ نوڪريون فر??هم ڪن. ان موقعي تي وفد بريفنگ ڏني ته ان جو اهم مقصد آمريڪي ڪمپنين کي ڪاروبار ۾ توسيع ۽ سڌو سنئون غي?? ملڪي سيڙپڪاري کي وڌائن لا3 پليٽ فارم فر??هم ڪرڻ آهي، فورم واپار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي جيڪو پاڪستان جي اقتصادي ترقي جي لاءِ گهڻو ضروري آهي. وفد مڪ ۾ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ مختلف تجويزون ڏنيون، وفد جي ميمبرن صدر کي پنهنجي مسئلن کان آگاهه ڪيو، صدر کين سهولتن جي فر??همي ۽ انهن جي مسئلن جي حل جي حوالي سان تعاون فر??هم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.