اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) دفاع وا??ي وزير پرويز خٽڪ چيو آهي ته عمران خان منهنجو اڳواڻ آهي، آئون وزيراعظم جي خلاف ٿيڻ جو سوچي به نٿو سگهان. پارليامي??ٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي دفاع وا??ي وزير چيو ته آئون ٽي وي ڏسي حيران رهجي ويس، مون ??ئس جي مسئلي تي ڳالهه ڪئي ۽ توانائي وا??ي وزير سان ڳالهه ڪئي، اسان جو مقصد صوبي ۾ گئس جي مسئلي جي حوالي سان هو. گئس جي اسڪيمن تي ڳالهه ڪئي ته اها رڪجڻ نه گهرجي، هن چيو ته آئون وزيراعظم جي خلاف نه آهيان ۽ نه ئي ٿي سگهان ٿو ۽ نه ئي ائين سوچي سگهان ٿو ان لاءِ اهڙيون ??مراهه ڪندڙ خبرون نه هلايون وڃن.