اسلام آباد – 06 جنوري (ا?? پي پي) وزير??عظ?? عمران خان چيو آهي ته اسان قوم جي حيثيت سان صرف حضور ڪريم ﷺ جي تعليمات تي عمل ڪري ترقي ڪري سگهون ٿا. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن مشهور مذهبي اسڪالر مولانا طارق جميل سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ قومي رحمت اللعالمين اٿارٽي جي تجويز ڪيل ڪردار بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اها اٿارٽي اسان ج?? پياري نبي حضرت محمد ﷺ جي قائم ڪيل مديني جي رياست جي بنيادي قدرن ۽ س??رت النبي صه ﷺ جي شاندار تعليمات جي روشني ۾ نوجوانن جي ڪردار سازي لاءِ قائم ڪئي وئي آهي. ملاقات ۾ وزير??عظ?? چيو ته اسان قوم جي حيثيت سان صرف حضور صلي الله عليه وسلم جي تعليمات تي عمل ڪري ئي ترقي ڪري سگهون ٿا. مولانا طارق جميل مديني جي رياست جي فلاحي ماڊل کي لاڳو ڪرڻ سان گڏوگڏ تعليما?? نبوي صلي الله عليه وسلم جي روشني ۾ نوجوانن جي ڪردار سازي تي زور ڏيڻ جي لاءِ وزير??عظ?? جي ڪوششن کي ساراهيو.