اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آه?? ته پشاور بي آر ٽي کي عالمي سطح تي بهترين پائيدار ٽرانسپورٽ ايوارڊ جي لاءِ شامل ٿيڻ جو سهرو خيبرپختونخوا ح??ومت ڏانهن وڃي ٿو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته خيبرپختونخوا جي حڪومت کي خاص ڪريڊٽ ڏيڻ چاهيان ٿو جنهن جي خصوصي محنت جي ڪري پشاور بي آر ٽي کي عالمي سطح تي بهترين پائيدار ٽرانسپورٽ ايوارڊ جي لاءِ چونڊيو ويو آهي. مملڪتي وزير چيو ته پشاور بي آر ٽي هڪ جديد نظام جي ذريعي ماڻهن جي اچ وڃ لاء?? بهترين سهولتون فراهم ڪيون آهن.