اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ڪڏهن قطري خط، ڪڏهن ڪيلبري فونٽ جعلي ٽرسٽ ڊيڊ، ڪڏهن مرحوم جج ارشد ملڪ کي بليڪ ميل ڪري وڊيو، ڪڏهن ن ليگي ورڪر اڳوڻي چيف جج رانا شميم جو جعلي ??لف نامو ۽ ڪڏهن جعلي ??ڊيو ٽپس آڻي رهيا آهن پر نواز شر??ف ۽ سندس خاندان اڄ تائين لنڊن محلات ج??ن رسيدون ڪنهن عدالت ۾ نه پيش ڪري سگهيا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته مريم صفدر ٽي ??ي تي ڪوڙ ڳالهايو ته منهنجي لنڊن ۾ ته ڇا پاڪستان ۾ به ڪا پراپرٽي ??ه آهي. بعد ۾ معلوم ٿيو ته نيلسن اينڊ نيسڪول آف شور ڪمپنيون لنڊن ۾ شر??ف فيملي ??ي استعمال هيٺ فليٽس جي مالڪ بينيفيشل اونر مريم صفدر آهي. هن چيو ته ڪيلبري فونٽ مارڪيٽ ۾ اچڻ کان پهرين جعلي ٽرسٽ ڊيڊ ٺاهي وئي، هن چيو ته پاناما انڪشاف اچڻ کانپوءِ نواز شر??ف ۽ فيملي ڪوڙ ۽ جعلي ??ستاويزن کانسواءِ عدالتن ۾ ڪجهه جمع ناهي ڪرايو. پهريون ڪوڙ اسيمبلي ??ي فلور تي بيهي نواز شر??ف چيو ته هي آهن اهي ذريعا حضور جنهن سان لنڊن ??ا فليٽس خريد ڪيا ويا بعد ۾ سپريم ڪورٽ ۾ نئين ڪهاڻي قطري خط پيش ڪيو ويو.