اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي س??ن ڪمبوڊيا لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير ظهير الدين بابر ٿهيم پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير ڪمبوڊيا لاءِ سفير نام??دگ?? تي ظهير الدين بابر ٿهيم کي مبارڪباد ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته سندس سفير طور نامزدگي س??ن پاڪستان ۽ ڪمبوڊيا جي وچ ۾ ٻطرفا رابطا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. پرڏيهي وزير نامزد سفير کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مذهبي سياحت ۽ اقتصادي رابطا وڌائڻ جي هدايت ڪئي. ڪمبوڊيا لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير ظهير الدين بابر ٿهيم پرڏيهي وزير جو ٿورو ادا ڪندي ان جي اعتماد تي پورو لهڻ جي خاطري ڪرائي.