اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير ??اهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ٿائيلينڊ قابل اعتماد دوست آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ??اڳ??پا گڏيل اعتماد، افهام و تفهيم ۽ تعاون تي قائم آهن. اها ڳالهه هن پاڪستان ۽ ٿائي لينڊ جي وچ ۾ سفارتي ??اڳ??پن جي قيام جي 70 هين سالگرهه جي ياد ۾ گڏيل لوگو جاري ڪرڻ جي حوالي سان پنهنجي هڪ پيغام ۾ چئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ان سلسلي ۾ ورچوئل تقريب منعقد ٿي، پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ ٿائيلينڊ جي نائب وزيراعظم ۽ مملڪتي وزير ڊان پرموڊونائي جا پيغام پڙهي ٻڌايا ويا، تقريب جي گڏيل صدارت عالم افتخار احمد، ايڊيشنل سيڪريٽري (ايشيا پيسفڪ)، ۽ ڊرام بونٿم، ڊائريڪٽر جنرل (ڏکڻ ايشيائي، وچ اوڀر ۽ آفريقي معاملا) ڪري رهيا هئا. تقريب ۾ ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزارت ۽ اسلام آباد ۽ بئنڪاڪ جي سفارتخانن جي عملدارن به شرڪت ڪئي، پرڏيهي وزير ??اهه محمود قريشي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو ته پاڪستان ۽ ٿائي لينڊ قابل اعتماد دوست ۽ ٻنهي ملڪن جي قيادت ٻطرفي ??اڳ??پن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ??سان جا ??اڳ??پا گڏيل اعتماد، افهام و تفهيم ۽ تعاون تي قائم آهن. ٻنهي ملڪن جي ماڻهن جي وچ ۾ ??اڳ??پا تاريخي لحاظ کان گهرا ۽ مستحڪم بنيادن تي قائم آهن، ٿائي لينڊ جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڊان پرموڊونائي ان موقعي تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏني. 7 ڏهاڪن جي ٻطرفي ??اڳ??پن کي اجاگر ڪندي هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ??يندڙ سالن ۾ ٿائي لينڊ ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ??اڳ??پا وڌيڪ مضبوط ۽ گهرا ٿيندا. گڏيل لوگو جي نقاب ڪشائي کانسواءِ ”7 ڏهاڪا – 7 سنگ ميل“ جي موضوع تي هڪ وڊيو به ڏيکاري وئي.