اسلام آباد – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ٽوڪيو پيرا اولمپڪس ۾ پاڪستان لاءِ پهريون گولڊ ميڊل کٽيندڙ پاڪستاني ايٿليٽ حيدر علي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر ??هم??ده مرزا به موجود هئي. صدر ٽوڪيو پيرا اولمپڪس (آگسٽ – سپٽمبر 2021ع) ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪرڻ تي حيدر علي کي مبارڪباد ڏني، صدر حوصلا افزائي لاءِ حيدر علي کي 25 لک روپين جو انعامي چيڪ به پيش ڪيو. ان موقعي تي هن چيو ته حيدر علي شاندار راند جو مظاهرو ڪري ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪيو، اميد آهي ته مستقبل ۾ به ان کان به بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندو. صدر چيو ته حڪومت ملڪ ۾ راندين جي فروغ لاءِ قدم کڻ?? رهي آهي، خصوصي ماڻ??ن کي ملڪ جو فعال شهري بڻائڻ لاءِ هنر ۽ تعليم ڏيڻ جي ضرورت آهي، ان موقعي تي ڊاڪٽر ??هم??ده مرزا چيو ته راندين جي نئين پاليسي ۾ خصوصي ماڻ??ن کي به شامل ڪنداسين.