اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظ?? عمران خان چيو آهي ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي مفاد ۾ آهي، ??فغانستان جو هڪ ٺوس سياسي حل هتان جي ماڻهن جي حقن جو تحفظ يقيني بڻائڻ جو بهترين رستو آهي، ??المي برادري افغان عوام جي معاشي مدد ۽ نئين سر تعمير ۾ ڪردار ادا ڪ??ي. ??زيراعظ?? عمران خان سان ابوظهبي جي ولي عهد ۽ گڏيل عرب اماراتن جي هٿياربند فوج جي ڊپٽي سپريم ڪمانڊر محمد بن زيد ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، ??ن دوران ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي معاملن سان گڏوگڏ علائقائي اڳڀرائي خاص طور تي افغانستان جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم ان موقعي تي گڏيل عرب امارات سان پنهنجي مضبوط ڀائراڻن لاڳاپن ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي تعاون جي اهميت جي عزم کي ورجايو. افغانستان جي تازي صورتحال جي ڏس ۾ وزيراعظم زور ڏنو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي وسيع تر مفاد ۾ آهي، ??فغانستان جي عوام جي حقن جي تحفظ سان گڏوگڏ سلامتي ۽ حفاظت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اڳتي وڌڻ جو بهترين رستو ٺوس سياسي حل هو. وزيراعظ?? عمران خان عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها افغان عوام جي معاشي مدد ڪر?? ۽ ملڪ جي نئين سر تعمير ۾ مدد جي لاءِ ڪردار ادا ڪ??ي. ??ن چيو ته انساني ضرورتن کي پورو ڪر?? ۽ افغانستان جي معاشي استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم آمده ايڪسپو 2020ع جي لاءِ بهترين انتظام ڪر?? تي ولي عهد کي مبارڪباد ڏني. هن ان ميگا ايونٽ جي ڪاميابي جي لاء?? نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ۽ ولي عهد گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪر?? تي اتفاق ڪيو.