اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ماضي ۾ جنگيون طاقت جي زور تي وڙهيون و??ند??ون هيون، هاڻي عوامي راءِ جي جنگ وڙهي وڃي ٿي، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اس??ن 70 هزار جانين جون قربانيون ڏنيون پر اڄ تائين ان تي ڪو ڪتاب ناهي لکيو ويو، ميڊيا جو منظرنامو ڪافي حد تائين سگهه اختيار ڪري چڪو آهي، اڄ ڊيجيٽل ميڊيا ايڊورٽائيزمينٽ 25 ارب روپين تائين پهچي وئي آهي، فيس بڪ ۽ گوگل پاڪستان مان 7.5 ارب روپين جي اشتهارن جو بزنس ڪيو، رجحان بدلجي ر??يو آهي، ميڊيا ۾ ٽيڪنالاجي جي مداخلت سبب ڪجهه جاين تي نوڪريون ختم ٿيون ۽ ڪجهه نيون ملازمتون پيدا ٿيون، اس??ن کي پنهنجو موقف دنيا جي سامهون پيش ڪرڻ ۽ ميڊيا ۾ ترقي جي لاءِ ڊيجيٽل ميڊيا تي ڌيان ڏيڻو پوندو، ملڪ ۾ موجود 42 جرنلزم اسڪولن ۾ 1960ع جو نصاب پڙهايو پيو وڃي جڏهن ته ٻاهرئين دنيا ۾ لائٽس ۽ سائونڊز ۾ ماڻهن پي ايڇ ڊي ڪري رکي آهي، اس??ن وٽ پري پري تائين اهڙا ماڻهو ميسر نه آهن، ميڊيا جي ترقي لاءِ پهريون ڀيرو ميڊيا ٽيڪنالاجي يونيورسٽي ٺاهي پئي وڃي، ميڊيا ٽيڪنالاجي يونيورسٽي ۾ ايني ميشن، ويزوئل ايفيڪٽس، فلم سازي، ڪئميرا ورڪ سميت ميڊيا جي مختلف شعبن بابت تعليم ڏني و??ند??، ميڊيا ۾ 1500 انٽرن شپس ڏنيون و??ند??ون، پي ٽي وي کي ايڇ ڊي ۽ ريڊيو جي نشريات انٽرنيٽ تي منتقل ڪئي وئي آهي، ڪيبل آپريٽرز جي لاءِ ڊيجيٽل ڪيبل پاليسي منظور ڪئي وئي، ڪيبل آپريٽرز کي ڪامياب جوان پروگرام تحت قرض ڏنا ويندا ته جئين اهي پنهنجي صارفين کي ڊيجيٽل ڪيبل فراهم ڪري سگهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جي نيشنل ميڊيا ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائ??ند?? ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته ميڊيا جي مختلف طريقن جي وچ ۾ فرق ختم ٿي چڪو آهي، اڄ ٽي وي ۽ اخبار جي جاءِ موبائيل فون وٺي ڇڏي آهي، هاڻي موبائيل فون ئي اس??ن جي اخبار، سوشل ميڊيا ۽ فلم جو ذريعو آهي. وفاقي وزير چيو ته پيمرا وٽ ڏنڊ وجهڻ جي وڌ کان وڌ حد 10 لک روپيا آهي، موجوده دور ۾ خاص طور تي وڏن ادارن جي لاءِ ڏنڊ نه هجڻ جي برابر آهي. هن چيو ته دنيا ۾ ائين نٿو ٿي سگهي ته سي اين اين آمريڪا جو سڀ کان وڏو ٽي وي چينل هجي ۽ اهو ئي سڀ کان وڏي اخبار به هلائي ر??يو هجي، هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪجهه اهڙا ادارا آهن جن ميڊيا جا چئنلز ٺاهيا پر حقيقت ۾ انهن جو ڪاروبار ڪجهه ٻيو آهي، ميڊيا ادارن ۾ سيٺ جي ڪردار جي ڪري جنهن منظم ميڊيا کي اڳتي وڃڻ گهربو هو اها نه وڃي سگهي. چوڌري فواد حسين چيو ته هن وقت اٽڪل 7 اهڙا چينلز آهن جيڪي غيرقانوني آهن، انهن چينلز تفريحي چينل يا ايجوڪيشن چئنل لائسنس حاصل ڪيو ۽ اهي نيوز چئنل هلائي رهيا آهن جڏهن ته انهن چينلز عدالتن مان منع نامو به حاصل ڪري رکيو آهي، هن چيو ته اس??ن کي پنهنجي ريگيوليشن فريم ورڪ کي مضبوط ڪرڻو پوندو. وفاقي وزير چيو ته مون 2018ع ۾ چيو هو ته چينلز کي ڊيجيٽل نه ڪيو ويو ته ان سان ميڊيا جي صنعت ۾ بحران پيدا ٿ??ند??. ان وقت ايف بي آر کي خط لکي چيو ته ڊيجيٽل ميڊيا ايڊورٽائيزمينٽ چار ارب روپيا آهي، ايندڙ پنج سالن ۾ اها 12 ارب کان 16 ارب روپين تائين پهچي و??ند??، ان لاءِ ريگوليشنز ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اڄ ڊيجيٽل ميڊيا ايڊورٽائيزمينٽ 25 ارب رپين تائين پهچي وئي آهي، فيس بڪ ۽ گوگل پاڪستان مان 7.5 بلين روپين جا اشتهار ورتا، ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته رجحان تبديل ٿي ر??يو آهي. هن چيو ته ڊيجيٽل ميڊيا جي سائيز به وڌي رهي آهي، هن ٻڌايو ته هڪ نجي اخبار 15 آفيسون ختم ڪري ڪراچي ۾ هڪ هيڊ آفيس قائم ڪئي ۽ 16 آفيسن جو ڪم هڪ آفيس ۾ ٿيڻ لڳو، چوڌري فواد حسين چيو ته ٽيڪنالاجي ميڊيا ۾ خلل ته وڌو آهي پر ٻئي طرف سوين ماڻهن جي لاءِ نوڪرين جا موقعا پيدا به ٿيا آهن، ماڻهن يوٽيوب ۽ ويب سائيٽس تي روزگار حاصل ڪيو، هڪ طرف روزگار ختم ٿيو ته ٻئي طرف روزگار جا موقعا به پيدا ٿيا. وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته ماضي ۾ اطلاعات واري وزارت کي حڪمران پارٽي جو ترجمان بڻايو ويو هو، اڄ اطلاعات واري وزارت رياست جي ترجمان جي حيثيت سان ڪم ڪري رهي آهي، هن وڌيڪ چيو ته سي اين اين نور مقدم ڪيس جي حوالي سان هڪ رپورٽ جاري ڪئي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان عورتن جي لاءِ محفوظ ملڪ نه آهي، جڏهن اس??ن انگ اکر حاصل ڪيا ۽ کين ٻڌايو ته آمريڪا ۾ عورتن جي خلاف ظلم پاڪستان کان ڏهوڻ تي وڌيڪ آهن، هن چيو ته اس??ن جو موقف اهي شايع نه ٿا ڪن. هن چيو ته ماضي ۾ جنگيون طاقت جي زور تي وڙهيون و??ند??ون هيون، پر هاڻي عوامي راءِ جون جنگيون وڙهي پيون وڃن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اس??ن 70 هزار جانين جون قربانيون ڏنيون پر اڄ تائين ان تي ڪو به ڪتاب ناهي لکيو ويو ۽ نه ئي اهڙي ڪا فلم ٺاهي وئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو هجي ته اس??ن دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ ڪهڙيون قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته فلم ۽ ٽي وي جي حوالي سان اس??ن کي پنهنجي سوچ بدلائڻي پوندي، اس??ن کي نئين ريگوليشنز آڻڻي پوندي. هن وڌيڪ چيو ته اس??ن کي اڳتي وڌڻ جي لاءِ سڀ کان پهرين ڊيجيٽل ميڊيا تي ڌيان ڏيڻو پوندو. چوڌري فواد حسين چيو ته هن وقت 25 ارب روپين جي ڊيجيٽل ايڊورٽائيزمنٽ آهي، ايندڙ پنج سالن ۾ يقينن اس??ن جي ايڊورٽائيزمنٽ جي بجيٽ ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ هوندي، رسمي ايڊورٽائيزمنٽ ۽ ڊيجيٽل ايڊورٽائيزمنٽ جي بجيٽ ٻن سالن ۾ اپ سيٽ ٿي و??ند??، رسمي ايڊورٽائيزمنٽ هيٺ ا??ند?? ۽ ڊيجيٽل ايڊورٽائيزمنٽ مٿي و??ند??. وفاقي وزير چيو ته ڊيجيٽل ميڊيا جي ترقي جو مطلب اهو ناهي ته اخبارون ۽ ٽي وي ختم ٿي و??ند??ون، هن چيو ته مستقبل ۾ اس??ن جا ٻار ٽي وي بدران ليپ ٽاپ ۽ فون کي اهميت ڏيندا. اطلاعات واري وزير چيو ته دنيا ۾ لائٽس ۽ سائونڊز ۾ ماڻهن پي ايڇ ڊي ڪري رکي آهي جڏهن ته اس??ن وٽ پري پري تائين اهڙا ماڻهو ميسر ناهن، هن چيو ته ان شعبي ۾ ترقي جي لاءِ پهريون ڀيرو ميڊيا ٽيڪنالاجي يونيورسٽي ٺاهي رهيا آهيون، برطانيه جي بورن موٿ يونيورسٽي به ان ۾ اس??ن سان حصيداري ڪري رهي آهي. هن چيو ته ميڊيا ٽيڪنالاجي يونيورسٽي ۾ ايني ميشن، ويزوئل ايفيڪٽس، فلم سازي، ڪئميرا ورڪ بابت تعليم ڏني و??ند??. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته ملڪ ۾ جرنلزم جا 42 اسڪول آهن، انهن ۾ 1960ع جو نصاب پڙهايو پيو وڃي، هن چيو ته اس??ن کي ان نصاب کي جديد رخن تي هموار ڪرڻو پوندو، چوڌري فواد حسين ٻڌايو ته اس??ن پي ٽي وي ۾ 200 انٽرن شپس، اي پي پي ۾ 500 انٽرن شپس ۽ ڊيجيٽل ميڊيا ونگ ۾ 300 انٽرن شپس ڏئي رهيا آهيون، ميڊيا ۾ مجموعي طور تي 1500 انٽرن شپس ڏنيون و??ند??ون، هن ٻڌايو ته اس??ن ماضي ۾ ڪيل غلطين کي ختم ڪري رهيا آهيون، اس??ن گذ??يل ٽن مهينن دوران وڏا ريفارمز ڪيا جنهن تي اس??ن کي فخر آهي، هن چيو ته پي ٽي وي کي ايڇ ڊي ڪيو ويو جڏهن ته ريڊيو جي نشريات انٽرنيٽ تي منتقل ڪئي وئي آهي، ان کانسواءِ اس??ن ڊيجيٽل ڪيبل پاليسي جي منظوري ڏني آهي، هن ٻڌايو ته هن وقت اڪثر ڪيبل اينا لاگ آهي، اس??ن جا چار هزار ڪيبل آپريٽرز آهن جنهن جا ٻه ڪروڙ صارفين آهن، انهن صارفين مان ڏيڍ ڪروڙ صارفين اهڙا آهن جيڪي اينالاگ ڪيبل اس??عمال ڪري رهيا آهن جڏهن ته 50 کان 60 لک صارفين ڊيجيٽل ڪيبل تي آهن، هن ٻڌايو ته اس??ن ڪيبل آپريٽرز کي ڪامياب جوان پروگرام تحت قرض ڏينداسين ته جيئن اهي پنهنجي صارفين کي ڊجيٽل ڪيبل فراهم ڪري سگهن. هن چيو ته اس??ن سبسڪرپشن جو ماڊل به متعارف ڪرائي رهيا آهيون، اس??ن وٽ انگريزي چينلز نه هجڻ جو هڪ اهو سبب آهي ته ان جي سبسڪرپشن نه آهي، هن مثال ڏنو ته لياري ۾ باڪسنگ جو ٽورنامينٽ ٿي ر??يو هجي شايد اهو پوٺوهار جي ماڻهن جي لاءِ دلچسپي جو سبب نه هجي پر لياري جا ماڻهو ان ۾ دلچسپي رکندا تنهن ڪري لياري جو مقامي ڪيبل آپريٽر اهو ٽورنامينٽ خريد ڪري پنهنجي صارفين کي سبسڪرپشن جي ذريعي ڏيکاري سگهي ٿو، ان سان ميڊيا جي منظرنامي ۾ هڪ وڏي تبديلي ا??ند??، وفاقي وزير ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن جي سوالن جا جواب به ڏنا.