اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي فلسطيني عوام تي اسرائيلي جارحيت جي سخت لفظن ۾ مذ??ت ڪندي هڪ متفقه قرارداد جي ??نظوري ڏني آهي جنهن ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل، او آءِ سي ۽ انساني حقن جي عالمي تنظيمن کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته فلسطين تي اسرائيل جي ظلم ۽ ڏاڍ کي روڪرائڻ جي ??اءِ فوري طور تي پنهنجو ڪردار ادا ڪن، فلسطينين جي ??سل ڪشي، انهن جي ??نهنجي علائقن مان جبري بيدخلي ۽ فلسطين جي آبادي جي تناسب کي تبديل ڪرڻ جي عمل کي فوري طور تي روڪيو وڃي، گڏيل قوم?? جو سيڪريٽري جنرل اسرائيلي حڪومت پاران فلسطيني عوام جي خلاف نسل ڪشي جي ??وه?? جي جاچ جي ??اءِ آزاداڻو انڪوائري ٽربيونل قائم ڪري. قومي اسيمبلي ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي فلسطين تي اسرائيلي جارحيت جي خلاف مذ??تي قرارداد پي?? ڪندي چيو ته هي ايوان اسرائيل پاران فلسطين جي عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪري ٿو ۽ معصوم فلسطيني عوام تي منظم ظلم ۽ ڏاڍ جي سخت لفظن ۾ مذ??ت ڪري ٿو.