اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي آمريڪا، ڪئناڊا ۽ برطانيا سميت دنيا جي ??خت??ف ملڪن جي پارليامينٽن جي سربراهن، اسپيڪرز ۽ پرزائيڊنگ آفيسرز کي مسجد اقصيٰ ۾ معصوم فلس??ين?? نمازين تي رمضان جهڙي مقدس مهيني ۾ تازي اسرائيلي جارحيت طرف ڌيان ڇڪرائڻ جي لاءِ خط لکي ڇڏيا آهن. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب خطن ۾ انهن جو ڌيان اسرائيلي ظلمن طرف ڇڪرائيندي چيو ويو آهي ته اسرائيلي ڪارروايون عالمي انساني حقن ۽ قانونن جي کليل خلاف ورزي آهي. ڪو به مذهب عبادتگذارن تي اهڙي قسم جي بربريت جي اجازت نه ٿو ڏي. سينيٽ چيئرمين چيو ته انهن ظلمن جي سمورن ملڪن پاران واضح طور تي م??مت ڪرڻ گهرجي ۽ فلسطين مسئلي جو پرامن حل ڪڍڻ گهرجي ته جيئن فلس??ين?? مسلمان سک جو ساهه کڻي سگهن.