اسلام آباد – 12 ما??چ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مخالف ڌر سينيٽ جي پولنگ بوٿ ۾ ڳجهي ڪئميرا لڳائڻ جو ڊرامو رچايو آهي، جن واردات ڪئي اهي پاڻ ئي واردات واري جاءِ تي پهچي ويا، مخالف ڌر کي اهڙو ڊرامو ڪندي شرم اچڻ گهرجي، پئسي جو استعمال، ڌمڪي ۽ ڌانڌلي مخالف ڌر جو مشغلو رهيو آهي، اسان ڳجهيون ڪئميرائون لڳائڻ جي وا??عي جي تهه تائين وينداسين، ذميدارن کي بي ??قا?? ڪيو ويندو، اسان جي ڪوشش آهي ته ملڪ کي ڪرپٽ ٽولي کان ڇوٽڪارو ڏياريو وڃي، وا??عي جي مڪمل ۽ شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي، وزيراعظم عمران خان پهرين ڏينهن کان شفافيت ۽ شو آف هينڊز جي ڳالهه ڪندو رهيو آهي، جن??ن جي لاءِ اسان عملي طور تي پارليامينٽ، اليڪشن ڪميشن ۽ سپريم ڪورٽ وياسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارليامينٽ هائوس ۾ پريس بريفنگ روم ۾ سينيٽر فيصل جاويد سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. سينيٽر شبلي فراز چيو ته سينيٽ جي نون چونڊيل ميمبرن جي حلف برداري کان اڳ مخالف ڌر جي ڪڌي سازش بي ??قا?? ٿي وئي آهي، انهن ماڻهن پاڻ واردات ڪئي ۽ پاڻ ئي واردات واري جاءِ تي پهتا، اهي اهڙي طرح جي ڪاررواين جا ما??ٽر ما??ينڊ آهن، اسان ڳجهيون ڪئميرائون لڳائڻ جي وا??عي جي تهه تائين وينداسين ۽ ذميدارن کي بي ??قا?? ڪيو ويندو، هن چيو ته اهي ماڻهن کي ووٽ رد ڪرڻ کان وٺي ووٽ چوري ڪرڻ تائين جو طريقو ٻ??ائيندا آهن ۽ اهو ئي سبب آهي ته قومي اسيمبلي ۾ اسان جي اڪثريت هئي، اقليت ۾ هوندي به انهن جو اميدوار ڪامياب ٿي وڃي ٿو ۽ اهي ماڻهو گذريل رات به مصروف عمل رهيا. هن چيو ته اسان پارليامينٽ ۾ به شفاف اليڪشن ۽ شو آف هينڊ لاءِ وياسين پر انهن ان جي مخالفت ڪئي ۽ اڄ به اسان انهن کي چئلينج ڪريون ٿا ته شو آف هينڊ تي اچن پر اهي ڳجهي راءِ شماري جي ذريعي ڌمڪي ۽ ڌانڌلي ڪرڻ جا قائل آهن. اڄ انهن پولنگ بوٿ ۾ ڳجهي ڪئميرائن جي پاڻ ئي نشاندهي ڪندي ڊرامو رچايو اسان ان وا??عي جي جاچ ڪرائينداسين ۽ ان جي تهه تائين وينداسين.