اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ه??ايت ڪئي آهي ته هائوسنگ جي منصوبن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي ته جيئن عوام جي لاءِ ذاتي ۽ گهٽ لاڳت واري ڇت جي فراهمي ممڪن ٿي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ه??ي قومي هائوسنگ، تعميرات ۽ ڊولپمينٽ بابت را??طا ڪميٽي جي هفتيوار اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. نئين پاڪستان ه??ئوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر هائوسنگ، تعيمرات ۽ ڊولپمينٽ بابت ??ومي را??طا ڪميٽي جي فورم تان ٽيڪس مر??عت??، بئنڪ فنانسنگ، مارڪ اپ سبسڊي، سهولتڪاري رجيم ۽ فور ڪلوزر قانونن جي ڏس ۾ برآمد ٿيندڙ حوصلي جوڳن نتيجن تي بريفنگ ڏني ۽ حڪومتي ۽ نجي شعبي جي هائوسنگ تعميراتي منصوبن ۾ هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي جي حوالي سان اجلاس کي آگاهه ڪيو.