اسلام آباد – 14 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪي معاشي ترقي جي لاءِ سياحت ۽ مهمانداري جي شعبي جي اهميت کي اجاگر ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته ملڪ ۾ ان صنعت جي فروغ ۽ واڌ لاءِ نجي شعبي کي پنهنجو ڪردار وڌائڻ ??ي ضرورت آهي. صدر عارف علوي چيو ته سياحت ۽ مهمانداري جي شعبي ۾ نوجوانن جي تعليم ۽ تربيت سان ملازمت جا موقعا پيد?? ٿيندا. هو انٽرنيشنل ڪاليج ٽورازم اينڊ هوٽل مينيجمينٽ جي وفد سان ڳاله??ئي رهيو هو، جنهن هتي ملاقات ڪئي.