اسلام آباد – 23 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ موجوده حڪومت عورتن جي برابر حقن کي ??قيني بڻائڻ جي ايجنڊا تي ??ام??ن آهي، اسلامي تاريخ، آزادي جي تحريڪ ۾ عورت?? جو مثالي ڪردار رهيو، جرنلسٽ پروٽيڪشن بل ۾ عورت صحافين جي حقن کي ??قيني بڻايو پيو وڃي، عورتن جي حقن جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي جي لاءِ مذهبي، ثقافتي قدرن ۾ رهندي ذهن سازي ڪرڻ وقت جي اهم ترين ضرورت آهي، سائبر ڪرائم، هراسان ڪرڻ ۽ ٻين وڌندڙ منظم ڏوهن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ قانونسا??ي سميت ٻيا قدم کنيا پيا وڃن، ان ڳالهه کي ??قيني بڻائڻو آهي ته عورتن کي ??عاشرتي تحفظ حاصل هجي. هو ا??وان صدر ۾ عورتن جي حقن بابت تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.