اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نش??يات واري وفاقي وزير سينيٽر شبل?? فراز چيو آهي ته پاڪستان کي مديني جي ري??ست وانگر ري??ست ٺاهڻ اسان جي اصل منزل آهي، وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ پنهنجي منزل کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ گامزن آهيون، رستي ۾ رڪاوٽون ختم ٿينديون وينديون، حڪومت جي قدمن ۽ پاليسين جا ثمر جلد عوام کي نظر ايندا، مهانگائي جي روڪٿام اسان جي اولين ترجيح آهي، نه ته پي ٽي وي جي نجڪاري ڪئي پئي وڃي ۽ نه ئي ملازمن کي ڪڍيو پيو وڃي. هو پي آءِ ڊي ۾ غذائي تحفظ واري وفاقي وزير سيد فخر امام ۽ صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير حماد اظهر سان گڏ ميڊيا کي بريفنگ ڏئي رهيو هو، وفاقي وزير سينيٽر شبل?? فراز چيو ته وزيراعظم عمران خان سدائين ان ڳالهه ت?? زور ڏيندو آهي ته ري??ست ۾ عام ماڻهو کي هر ممڪن سهولت مي??ر هوندي، مسئلا ۽ مشڪلاتون انهن جي گهر جي چائنٺ تي حل ٿين، اهو ئي مديني جي ري??ست جو ماڊل آهي، اصل ۾ اسان جي منزل جو تعين ٿي چڪو آهي ۽ اسان جي رخ به درست آهي، منزل تائين پهچڻ جي لاءِ وقت لڳندو آهي ۽ رستي ۾ رڪاوٽون به اينديون آهن، انهن سمورين رڪاوٽن کي اسان عبور ڪري پنهنجي منزل مقصود تائين پهچڻو آهي.