اسلام آباد – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پمز ا??پتال اسلام آباد جو غير اعلانيه دورو ڪيو، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ خصو??ي صلاحڪار ڊاڪٽر فيصل سلطان به گڏ هو، وزيراعظم اسپتال جي نئين ايمرجنسي بلاڪ جو معائنو ڪيو، خصو??ي صلاحڪار ڊاڪٽر فيصل سلطان اسپتال جي نئين ايمرجنسي بلاڪ ۾ مريضن کي فراهم ٿيندڙ سهولتن جي باري ۾ بريفنگ ڏني، صحت واري خصو??ي صلاحڪار وزيراعظم کي ٻڌايو ته ڪورونا وبا کي نظر ۾ رکندي ايمرجنسي ۾ ايندڙ مريضن لاءِ مخص??ص طريقيڪار جوڙيو ويو آهي، خصو??ي صلاحڪار ٻڌايو ته ايمرجنسي مريض کي فوري طور تي ابتدائي طبي امداد جي فراهمي کانپوءِ ان جي حالت موجب ان کي اسپتال جي لاڳاپيل حصي ۾ منتقل ڪيو ويندو آهي. ان طريقيڪار سان ايمرجنسي مريض ۽ اسپتال ۾ پهرين کان موجود مريضن کي جتي ڪورونا کان محفوظ رکڻ ۾ مدد ملندي آهي اتي مريض کي مرض موجب لاڳاپيل شعبي ۾ منتقلي ??و عمل به آسان ٿيندو آهي.