اسلام آباد – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پائليٽ پراجيڪٽ جي طور تي بلوچستان صوبي ۾ ٻه ۽ خيبرپختونخوا صوبي ۾ هڪ بارڊر مارڪيٽ جي قيام جي منظوري ??ئي ڇڏي جنهن کي فيبروي تائين مڪمل ڪري فعال ڪيو ويندو، سرحدن جي ذريعي ٿيندڙ اسمگلنگ جي روڪٿام جي ح??ال?? سان وڌيڪ موثر قدم کڻڻ جو فيصلو به ڪيو ويو آهي، پاڪ افغان ۽ پاڪ ايران سرحدي علائقن۾ سرحدي مارڪيٽون قائم ڪرڻ جي ح??ال?? سان اعليٰ سطحي اجلاس وزيراعظم جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوده، ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، عبدالرزاق دائود، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمود خان، بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال خان، خاص مددگار لي??ٽننيٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه سميت ??ين سول سينئر ۽ ملٽري آفيسرن شرڪت ڪئي.