اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪورونا وا??رس کي روڪڻ جي حوالي سان نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) تعليمي ادارن کي ٻيهر کولڻ کان اڳ آءِ ٽي انتظامن جو جائزو ورتو، اين سي او سي انفارميشن ٽيڪنالاجي پاران کنيل انهن قدمن جو جائزو ورتو جن ۾ اسڪولن کي ٻيهر کولڻ کان اڳ وا??رس کي پکيڙڻ جي حوالي سان نگراني جي لاءِ سمارٽ اپيليڪشنز وغيره شامل آهن، فورم کي انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ نيشنل انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ (اين آءِ ٽي بي) جي ذريعي تيار ڪيل اپيليڪشن جي ص??رتحال جي باري ۾ تفيصل سان ٻڌا??و ويو.