اسلام آباد – 05 جولاءِ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪ??ور??ا وائرس بابت تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، هڪ لک 29 هزار 830 ماڻهو ڪور??نا کي شڪست ڏئي مڪمل صحتياب ٿي چڪا آهن، گلگت بلتس??ان ۾ ڪو مريض وينٽي ليٽر تي نه آهي. اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 25 هزار 527 ٽيسٽ ڪيا ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 3191 وڌيڪ مثبت ڪيسز رپورٽ ٿيا جڏهن ته 91 ڪور??نا متاثرين فوت ٿي ويا. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪور??نا جا 2 لک 28 هزار 474 تصديق ڪيسز سامهون آيا آهن جن ۾ آزاد ڪشمير جا 1288، بلوچس??ان جا 10 هزار 766، گلگت بلتس??ان جا 1545، اسلام آباد جا 13 هزار 409، خيبرپختونخواهه جا 27 هزار 843، پنجاب جا 81 هزار 317 ۽ سنڌ جا 92 هزار 306 مريض شامل آهن. هيستائين مجموعي طور تي 4 هزار 712 فوتگيون ٿي چڪيون آهن. هيستائين 13 لک 98 هزار 152 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. 729 اسپتالن ۾ 5130 مريض علاج هيٺ آهن.