اسلام آباد – 19 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي احت??اب بابت خاص مددگار شه??اد اڪبر چيو آهي ته سپري?? ڪورٽ جو تمام اهم فيصلو آيو آهي، حڪومت ان فيصلي مان مطئمن آهي. اهو بهتر فيصلو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر سينيٽر ش??لي فراز سان گڏ نيوز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر سينيٽر ش??لي فراز چيو ته سپري?? ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ حڪومتي موقف بابت آگاهه ڪري رهيا آهيون، احت??اب واري خاص مددگار شه??اد اڪبر چيو ته سپري?? ڪورٽ جو تمام اهم فيصلو آيو آهي، آرٽيڪل 9 تحت ٽن طريقن سان ڪنهن جج بابت سوال اٿاري سگهجي ٿو، پهريون طريقو ڪو به شخص سپريم جڊيشل ڪائونسل کي معلومات ڏئي سگهي ٿو. ٻيو طريقو حڪومت پاران صدر ريفرنس موڪلي سگهي ٿو. ٽيون طريقو سپريم جڊيشل ڪائونسل پاڻمرادو نوٽيس وٺي سگهي ٿي.