اسلام آباد – 29 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته معيشت کي مضبوط بڻائڻ لاءِ اداره جاتي سڌارا ?? مالياتي نظم ۽ ضبط کي يقيني بڻائڻ ۽ عوام کي ممڪن رليف فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن اهڙن خي??لن جو اظها?? هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ملڪي معاشي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، ??زيراعظم جي ناڻي بابت صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، وزيراعظم جي واپار بابت صلاحڪار عبدالرزاق دائود، وزيراعظم جي اداره جاتي سڌارن بابت صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين ۽ اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير حماد اظهر وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، ??اڻي واري صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ معيشت جي صورتحال جو جائزو پيش ڪيو.