اسلام آباد – 14 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوام حڪومت پاران جاري ڪيل حفاظتي هدايتن تي عمل ڪري، احتياط جيتوڻيڪ لازمي آهي پر ڊڄڻ جي قط??ي ضرورت نه آهي، صحت جي عالمي اداري ڪرونا وائرس جي حوالي سان اسان جي ڪوششن کي سار??هي??دي انهن ??ي دنيا ۾ بهترين قرار ڏنو آهي. سماجي رابطن جي و??ب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته آئون قوم کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته ڪرونا وائرس جي تدارڪ جي لاءِ کنيل قدمن جي آئون پاڻ ذاتي نگراني ڪري رهيو آهيان ۽ جلد توهان س??ن مخاطب ٿيندس.