رحيم يار خان-05 جنوري (??ي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف رحيم يار خان ۾ متحده عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ پاڪستان جي ترقي جي سفر ۾ ??ڏي?? عرب امارتن جي اهم ڪردار جي واکاڻ ڪئي ۽ اقتصادي تعاون، علائقائي استحڪام، موسمياتي تبديلي ۽ عالمي سطح تي ??ڏي?? مفادن کي هٿي ڏيڻ سميت ڪيترن ئي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ موجب ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن اقتصادي، سياسي ۽ ثقافتي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ لاءِ ??ڏي?? عزم جو اظهار ڪيو. هنن اقتصادي تعاون، علائقائي استحڪام، موسمياتي تبديلي ۽ عالمي سطح تي ??ڏي?? مفادن کي هٿي ڏيڻ سميت ڪيترن ئي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي ترقي جي سفر ۾ ??ڏي?? عرب عمارتن جي اهم ڪردار جي واکاڻ ڪئي، وزيراعظم تجديد جوڳي توانائي، ٽيڪنالاجي، بنيادي ڍانچي جي تعمير ۽ تجديد، نوجوانن ۾ صلاحيتن ۽ پيشيوراڻي تربيت کي هٿي ڏيڻ ۽ واپار جهڙن شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ لاءِ پاڪستان جي عزم تي زور ڀريو. ??ڏي?? عرب امارتن جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان پاڪستان سان کاڻين جي کوٽائي، معدنيات ۽ زراعت جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ ۾ ??ڏي?? عرب امارتن جي گهري دلچسپي کي اجاگر ڪيو. هن پاڪستان جي معيشت مستحڪم ڪر?? لاءِ وزيراعظم شهباز شريف جي متحرڪ قيادت جي تعريف ڪئي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته هن نئين اقتصادي قوت، ٻطرفي سيڙپڪاري ۽ تعاون ۾ واڌ جا امڪان پيدا ڪيا آهن. ??ڏي?? عرب امارتن جي صدر پاڪستان سان پنهنجي پراڻي حصيداري کي وڌائڻ لاءِ ??ڏي?? عرب امارتن جي عزم کي ورجايو ۽ عوام جو عوام سان رابطو ۽ ??ڏي?? خوشحالي جي اهميت تي زور ڀريو. وزيراعظم شهباز شريف مشڪل وقت خاص طور تي اقتصادي تعاون جي سلسلي ۾ ??ڏي?? عرب امارتن جي پختي حمايت تي ??ڏي?? عرب امارتن جي صدر جو ٿورو مڃيو. ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ امن ۽ ترقي لاءِ پنهنجي عزم کي ورجائيندي ??ڏي?? دلچسپي جي معاملن تي گڏجي ڪم ڪر?? تي زور ڀريو. گڏجاڻي جي پڄاڻي ٻنهي ملڪن جي روشن مستقبل کي يقيني بِڻائڻ لاءِ خاص طور تي ترجيحي شعبن ۾ وسيع تعاون کي هٿي ڏيڻ جي ??ڏي?? عزم سان ٿيو.