اسلام آباد– 16 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 18 کان 20 ڊسمبر تائين مصر جو سرڪاري دورو ڪندو، هو قاهره ۾ منعقد ٿيندڙ اسرندڙ 8 ملڪن (ڊي ايٽ) جي 11هين سربر??هه اجلاس ۾ ش??ڪت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب سربر??هه اجلاس کان اڳ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 18 ڊسمبر تي ڊي ايٽ ج?? وزيرن واري ڪائونسل جي 21هين اجلاس ۾ ش??ڪت ڪندو. بيان موجب 11هين ڊي ايٽ سمٽ ج?? ٿيم ”نوجوانن ۾ سيڙپڪاري ۽ ايس ايم ايز کي سپورٽ ڪرڻ: سڀاڻي جي معيشت جي جوڙجڪ“ آهي. سربر??هه اجلاس ۾ وزيراعظم هڪ مضبوط ۽ جامع معيشت جي تعمير جي لاءِ نوجوانن ۽ ايس ايم ايز ۾ سيڙپڪاري جي اهميت، نوڪريون پيدا ڪرڻ، جدت کي اڳتي وڌائڻ ۽ مقامي انٽر پرينيورشپ کي فروغ ڏيڻ تي زور ڏيندو. هو ڊي ايٽ ج?? نظرين جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط عزم جو اظهار، گڏيل فائدي ۽ خوشحالي جي لاءِ حصيداري کي فروغ ڏيڻ سميت زراعت، خوراڪ جي حفاظت ۽ سياحت ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي پڻ زور ڏيندو. وزيراع??م نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ۽ مالياتي ترقي جي لاءِ پاڪستان جي ترغيبن تي پڻ روشني وجهندو. هو وچ اوڀر ۾ اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي غور فڪر جي لاءِ غزه ۽ لبنان ۾ انساني بحران ۽ نئين سر تعمير جي چئلينجز تي ڊي ايٽ ج?? خصوصي اجلاس ۾ پڻ ش??ڪت ڪندو. وزيراعظم فلسطين جي صورتحال تي پاڪستان جي اصولي موقف کي اجاگر ڪندو ۽ وچ اوڀر ۾ امن قائم ڪرڻ تي زور ڏيندو. سربر??هه اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم جي اجلاس ۾ ش??ڪت ڪندڙ اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون متوقع آهن.