اسلام آباد – 03 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف عل?? زرداري پ??ڪس??ان بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي چوٿون بلائنڊ ٽي 20 ورلڊ ڪپ کٽڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته معذور ماڻهو به راندين جي شعبي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ٽي 20 بلائنڊ ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ فائنل ۾ بنگلاديش کي 10 وڪيٽن تان هارائڻ تي ٽيم کي ساراهيو. هن چيو ته پ??ڪس??ان بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم فائنل ۾ شاندار راند جو مظاهرو ڪيو آهي. صدر چيو ته خصوصي ماڻ??ن جي عالمي ڏين??ن جي موقعي تي بلائنڊ ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ کٽڻ تي پ??ڪس??ان بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي مبارڪباد ڏيان ٿو. صدر آصف عل?? زرداري چيو ته خصوصي رانديگرن بلائنڊ ٽي 20 ورلڊ ڪپ کٽي پ??ڪس??ان جو نالو روشن ڪيو آهي. صدر چيو ته راندين سميت زندگي جي سمورن شعبن ۾ خصوصي ماڻ??ن جي شموليت وڌائڻي پوندي، خصوصي ماڻهن کي اڳتي وڌڻ ۽ ترقي ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر پ??ڪس??ان بلائنڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل کي ڪامياب ٽورنامينٽ منعقد ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي پ??ڪس??ان بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي مستقبل جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.