اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ بيلاروس ٻطرفن لاڳاپن جي موجوده مثبت رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪندي انهن رابطن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ، بين الپارلياماني مٽاسٽا کي مضبوط بڻائڻ، گڏيل واپاري ۽ اقتصادي ت??او?? کي وڌائڻ جي لاءِ گڏيل عزم جو ورجاءُ ۽ اداراجاتي ت??او?? جي ذريعي ان رفتار کي برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو جي پاڪستان جي دوري دوران پاڪستان ۽ بيلاروس جي وچ ۾ وف??ن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ ڪيترن ئي اهم معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن (ايم او يوز) تي صحيحون ٿيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب جمهوريه بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي پنهنجي وف??ن جي قيادت ڪئي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وف??ن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه جو اهو مرحلو پاڪستان ۽ بيلاروس جي وچ ۾ بهترين ٻطرفن لاڳاپن جو عڪاس آهي. ڌرين ٻطرفن لاڳاپن جي مڪمل اسپيڪٽرم سان گڏوگڏ اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي لاڳا??ن کي وڌيڪ مستحڪم، بين الپارلياماني مٽاسٽا کي مضبوط بڻائڻ خاص طور تي ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي ت??او?? کي وڌائڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ صدر لوڪاشينڪو پاڪستان – بيلاروس لاڳاپن جي موجوده مثبت رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن باقاعده اعليٰ سطح تي ملاقاتن ۽ اداراجاتي ت??او?? جي ذريعي ان رفتار کي برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ڪيترن ئي اهم معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن (ايم او يوز) تي صحيحن جو پڻ مشاهدو ڪيو جنهن جو مقصد پاڪستان ۽ بيلاروس جي وچ ۾ اهم شعبن ۾ ويجهي ت??او?? کي فروغ ڏيڻ آهي. اهي معاهدا ۽ ايم او يوز ماحولياتي تحفظ، ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ، حلال واپار، آڊٽ ادارن، مالياتي انٽيلي جنس ش??ئر??گ، ووڪيشنل ايجوڪيشن ۽ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ۾ ت??او?? سان لاڳاپيل آهن. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ بيلاروس جي وچ ۾ 2025 – 2027ع جي لاءِ ٺوس ت??او?? جي روڊ ميپ تي اتفاق ٿيو جنهن تحت اعليٰ سطحي اجلاسن، بين الحڪومتي ڪميشنن ۽ هدفن جي ذريعي اقتصادي لاڳا??ن کي وڌائڻ جي لاءِ هڪ اسٽريٽجڪ فريم ورڪ جو خاڪو پيش ڪيو ويو آهي. ان فريم ورڪ جي ذريعي گڏيل ت??او?? جي قدمن، علائقائي اقتصادي رابطن جي اهميت تي زور ڏنو ويو آهي، ڌرين ٻطرفي اقتصادي ت??او?? ۾ تيزي آڻڻ جي لاءِ گهربل قانوني فريم ورڪ کي بهتر بڻائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. بيلاروس جي صدر پاڪستان جي وزيراعظم جي لاڳا??ن کي نئين بلندين تي وٺي وٺڻ جي عزم کي ساراهيو ۽ ان سلسلي ۾ پنهنجي ۽ پنهنجي حڪومت جي ڀرپور ت??او?? جو يقين ڏياريو. هن وزيراعظم محمد شهباز شريف کي بيلاروس جي دوري جي دعوت پڻ ڏني جنهن سان ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ وڌيڪ سگهه ايندي. وزيراعظم سندس دعوت قبول ڪندي چيو ته سندس ان دوري دوران مفاهمتي يادداشتن کي معاه??ن جي شڪل ڏني ويندي. بيان موجب وزيراعظم لاڳاپيل وزيرن کي هدايت ڪئي ته اهي ان سلسلي ۾ جلد کان جلد ضروري قدم کڻن.