واشنگٽن _24 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته گذريل هڪ سال دوران معيشت جي بهتري لاءِ ترجيحي بنيان تي قدم کنيا ويا آهن . جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ مهانگائي ۾ گهٽتا??ي سان گڏوگڏ مختلف شعبن ۾ بهتري ڏسڻ لاءِ ملي آهي . انهن سڌارن جو مقصد معاشي استحڪام ۽ پائيداري کي يقيني بڻائڻ هو. جنهن لاءِ اهم اقتصادي ۽ انتظامي تبديليون متعارف ڪرايون ويون . انهن خيالن جو اظهار هن واشنگٽن ۾ ولسن سينٽر ۾ پاڪستان جي معاشي صورتحال جي حوالي سان ڳالهيون ڪندي ڪيو . هن گذريل هڪ سال دوران معيشت جي ڪارڪردگي ۽ مختلف سڌارن جو ذڪر ڪ??و. هن گذريل هڪ سال دوران معيشت جي ڪارڪردگي ۽ مختلف سڌارن جو ذڪر پڻ ڪيو . جنهن ۾ ٽيڪس بيس کي وسيع ڪرڻ، خرچن ۾ گهٽتائي ، توانائي جي شعبي ۾ سڌارا، سرڪاري ادارن جي حڪمراني ۾ بهتري آڻڻ ، ڪاروبار لاءِ برابر موقعا فراهم ڪرڻ ۽ موسمياتي استحڪام جون ڪوششون شامل آهن. معاشي ڪارڪردگي کي اجاگر ڪ??دي ناڻي واري وزير چيو ته انهن سڌارن ۾ ٽيڪس بيس کي وسيع ڪرڻ شامل هو ته جيئن ٽيڪس جي ڊي پي شرح ۾ اضافو ٿي سگهي جڏهن ته خرچن تي ضابطو آڻڻ لاءِ سبسڊي ۾ گهٽتائي ڪئي وئي. توانائي جي شعبي ۾ پڻ بهتري لاءِ قدم کنيا ويا. سرڪاري ادارن جي حڪمراني کي بهتر بڻائڻ تي ڪم ٿيو، ڪاروباري ادارن لاءِ برابر موقعا فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ موسمياتي تبديلين کي من??ن ڏيڻ لاءِ قدم کنيا ويا ته جيئن معيشت کي پائيدار بڻايو وڃي.