اسلام آباد -28 آڪٽوبر (اي پي پي) پارليامينٽيرينز فار گلوبل ايڪشن (پي جي اي) جي ميمبرن بئريسٽر عقيل ملڪ، بئريسٽر دانيال چوڌري ۽ ڊاڪٽر مرزا اختيار بيگ پي جي اي کي وڌيڪ اثرائتو بڻ??ئڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو آهي، ته عالمي امن ۽ انصاف ج?? فراهمي ۾ پارلياماني نمائندن جو ڪردار هن وقت اڳ کان وڌيڪ اهميت اختيار ڪري چڪو آهي، پاڪستان جي ميزباني ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ عالمي قانون، موسمياتي تبديلي ۽ انساني حقن جهڙن اهم مسئلن تي ڀرپور ڳالهيون ٿي رهيون آهن، ان فورم ۾ شريڪ پاڪستاني ۽ عالمي نمائندن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ??ارليامينٽيرينز عالمي چئلينجن جي حل ۾ قائداڻو ڪردار ادا ڪندا. هو گذريل ڏينهن پارليامينٽيرينز فار گلوبل ايڪشن (پي جي اي) جي اجلاس جي افتتاحي تقريب جي ويهڪ کان پوءِ قومي خابرو اداري اي پي پي سان ڳالهائي رهيو هو. پي جي اي جي ميمبر ۽ قانون ۽ انصاف بابت صلاحڪار بئريسٽر عقيل ملڪ چيو آهي، ته ??اڪستان هميشه عالمي انصاف ۽ انساني حقن جي اصولن جو پاسبان رهيو آهي. هن فلسطين ۽ ڪشمير جهڙن مسئلن تي عالمي برادري کي ٻٽي معيار جي خاتمي جي ضرورت تي زور ڀريو. سندس چوڻ هو ته ??اڪستان جي جدوجهد عالمي انصاف کي هٿي وٺ??ئڻ جي عڪاسي آهي ۽ اسان کي ??نه??جي ملڪ جي خودمختياري ۽ سلامتي تي ڪو به سمجهوتو نه ڪرڻ گهرجي. پي جي اي جي ميمبر ۽ سڌ سماءَ بابت وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو ته ??اڪستاني سياستدانن جو ڪردار عالمي امن ۾ اهم حيثيت رکي ٿو، ڪشمير ۽ فلسطين جي مسئلي جهڙن تڪرارن کي حل ڪرڻ لازمي آهي ته جيئن هڪ منصفاڻو ۽ پائيدار امن قائم ٿي سگهي. دانيال چوڌري چيو ته ??اڪستان عالمي امن کي هٿي وٺ??ئڻ ۾ بي مثال قربانيون ڏنيون آهن ۽ اسان عالمي انصاف ج?? اصولن تي ڪاربند رهنداسين. پي جي اي جي ميمبر ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر مرزا اختيار بيگ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي ڳالهين جي تائيد ڪندي چيو ته ??وسمياتي تبديلي جهڙن چئلينجز تي عالمي سهڪار جي ضرورت آهي، پاڪستان عالمي برادري سان گڏ انهن چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته ??اڪستان سدائين انساني حقن ۽ قانون جي حڪمراني جو علمبردار رهيو آهي ۽ عالمي امن جي بحالي ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪندو رهندو. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ??اڪستان عالمي انصاف، امن ۽ انساني حقن کي هٿي وٺ??ئڻ لاءِ ??نه??جون ڪوششون جاري رکندو، عالمي برادري کي به هڪجهڙي انصاف ج?? اصولن تي عمل ڪرڻ گهرجي.