اسلام آباد-24 آڪٽوبر (اي پي پي)رٿابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت هيٺ اجلاس منعقد ??يو ويو جنهن ۾ زرعي زمين کي رهائشي مقصدن جي استعمال لاءِ جامع فريم ورڪ تيار ??رڻ جي هدايت ڪندي ان حوالي سان گڏيل اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ ۽ ترقي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ حڪمت عم??ي تيار ??رڻ تي زور ڀريو. اجلاس ۾ چئني صوبن جي مختلف کاتن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي، جتي زمين جي استعمال کي باقاعده استعمال جوڳو بڻائڻ ۽ رڪارڊ کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ويون ته جيئن زرعي زمين کي رهائشي مقصد لاءِ اثرائتي طريقي سان استعمال ڪري سگهجي. اجلاس جو مقصد زرعي زمين جي اثرائتي استعمال لاءِ گڏيل اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ هو. اجلاس دوران پنجاب جي نمائندن ٻڌايو ته زمين جي رڪارڊ جي ڊجيٽلائيزيشن جاري آهي جڏهن ته 11 شهرن جا ماس??ر پلان ڊسٽرڪ پلاننگ اينڊ ڊزائين ڪميٽي مان منظور ڪرايا ويا آهن ۽ باقي منصوبا نومبر جي پڄاڻي تائين مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي. سنڌ جي نمائندن اجلاس دوران ٻڌايو ته ڪراچي جي ماس??ر پلان جي تياري آخري مرحلي ۾ آهي جڏهن ته ڪي پي ڪي جي نمائندن جو چوڻ هو ته 6 شهرن لاءِ ماس??ر پلان تيار ??يا ويا آهن ۽ انهن تي عملدرآمد لاءِ وڌيڪ هدايتن جو انتظار آهي. وفاقي حڪومت کي هدايت ڏني وئي آهي ته زرعي زمين کي رهائشي مقصدن لاءِ باقاعدگي طور تي تبديل ڪرڻ لاءِ جامع فريم ورڪ تيار ??يو وڃي. جنهن ۾ صوبن جون تجويزون پڻ شامل ڪيون وڃن،.