اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪراچي ۾ جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ويجهو چيني عملي جي گاڏي تي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي آ??ي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم دهشتگرد حملي ۾ ٻن چيني شهرين مارجي وڃڻ تي ڏک جو اظهار ڪندي زخمين کي ترجيحي بنيادن تي طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آ??ي. وزيراع??م زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته دهشتگرد حملي جي ذميوار دهشتگردن کي جلد کان جلد جهنم پهچايو ويندو. دهشتگرد پاڪستاني نه پر پاڪستان جا دشمن آهن. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي م??مل خاتمي لاءِ حڪومت م??مل طور تي متحرڪ آهي. دهشتگردي جي م??مل خاتمي تائين اسان جي دهشتگردن جي خلاف جنگ جاري رهندي.