اسلام آباد- پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي ته پارليامينٽ جي بالادستي ۽ جمهوري قدرن کي هٿي ڏيڻ ??اء?? مولانا فضل الرحمان جو ڪردار تعريف لائق آهي، هو دانشمند، مدبر، دور انديش سياسي اڳواڻ آهي. ڪالهه گهرو وزير، جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي. هن مولانا فضل الرحمان ۽ مولانا عبدالغفور ح??در?? کي جي يو آءِ جو بنا مقابلي امير ۽ سيڪريٽري جنرل چو??ڊج?? تي مبارڪون پيش ڪيون ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. گهرو وزير چيو ته مولانا فضل الرحمان جون پنهنجي جماعت ۽ پاڪستان ??اء?? گهڻيون خدمتون آهن. مولانا فضل الرحمان سينيئر ترين سياستدان آهي، پاڪستان جي سياست ۾ ان جو مقام مٿانهون آهي. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان جي قيادت ۾ جي يو آءِ اصولن تي ٻَڌل سياست ڪئي آهي، مولانا فضل الرحمان جون پنهنجي جماعت ۽ پاڪستان ??اء?? ڪيتريون ئي خدمتون آهن.