اسلام آباد – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري محفوظ، پائيدار ۽ ماحول دوست ٽرانسپورٽ نظام جي فروغ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان پائيدار ترقي جي هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ چين سان گڏجي ڪم ڪندو، جنهن سان امن ۽ خوشحالي جي دور جي شروعات ٿيندي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار بيجنگ ۾ ٿيندڙ عالمي پائيدار ٽرانسپورٽ فور?? 2024ع کي وڊيو خطاب ڪندي ڪيو. صدر پنهنجي خطاب ۾ گڏيل قومن جي پائيدار ترقي جي هدفن جي فروغ ۾ چين جي قائد??ڻي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان پائيدار ترقي کي فروغ ڏي ۽ عالمي ۽ علائقائي اقتصادي خوشحالي ۾ چين جي ڪردار کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن چين جي صدر شي جن پنگ جي قيادت ۾ چين جي قومي ترقي جي منصوبن کي به ساراهيو. صدر حڪومت پاران کنيل قدمن جو ذڪر ڪندي فورم کي آگاهه ڪيو ته پاڪستان عورتن جي لاءِ خصوصي پنڪ بسون متعارف ڪرايون آهن ته جيئن پبلڪ ٽرانسپورٽ جو محفوظ، آرامده ۽ پهچ جوڳو طريقو فراهم ڪري سگهجي. هن ان ڳالهه تي زور ڏن?? ته عوام جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ موثر، ماحول دوست ٽرانسپورٽ جي لاءِ پائيدار انفراسٽرڪچر جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڳوٺ??ڻي علائقن جي روڊن تائين پهچ 92 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، جيڪا نمايان بهتري آهي. ڳوٺ??ڻي علائقن جي پهچ ۾ اضافو پائيدار ترقي جي فروغ ۽ ڳوٺ??ڻي آبادي کي بنيادي خدمتن جي فراهمي بهتر بڻائڻ ۾ مددگار ٿيندو. صدر چيو ته پاڪستان جي بنيادي ڍانچي جي پائيدار سارسنڀال ۽ موسمياتي تبديلي جهڙا چئلينجز درپيش آهن. گذريل 5 سالن ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏن، شديد برساتن سميت موسمي حالتن پاڪستان جي ٽرانسپورٽ انفراسٽرڪچر کي شديد نقصان پهچايو آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ميمبر ملڪن جي ٽرانسپورٽ انتظاميا جي وچ ۾ پائيدار ٽرانسپورٽ تعاون جو حمايتي آهي.