اسلام آ??اد – 10 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي شنگهائي سهڪار تنظيم (ايس سي او) سربراهي ڪانفرنس جي تيارين جو جائزو وٺڻ لاءِ اسلام آ??اد شهر جو دورو ڪيو. هن ڊي چوڪ، شاهراهه دستور، مري روڊ ۽ اسلام آ??اد ايڪسپريس وي جو تفصيلي معائنو ڪيو. گهرو وزير محسن نقوي ايس سي او سربراهي ڪانفرنس لاءِ شهر کي سينگارڻ ۽ صفائي جي انتظامن جو جائزو پڻ ورتو. گهرو وزير محسن نقوي ايس سي او سربراهي ڪانفرنس لاءِ ب??ترين انتظامن جي هدايت ڏيندي چيو ته شهر کي سينگارڻ ۽ اڏاوتي ڪمن کي جلد مڪمل ڪيو وڃي. سڄي اسلام آ??اد خاص طور تي وي وي آءِ پي روٽس ۽ ريڊ زون جي مڪمل صفائي کي يقيني بڻايو وڃي. هن س??ورن شاهراهن جي آس پاس جيڪي اجلاس واري هنڌ جي روٽس طور استعمال ٿيڻا آهن، اتا حد دخليون هٽائڻ جو پڻ حڪم ڏنو. گهرو وزير محسن نقوي چيو ته ايس سي او سربراهي اجلاس جي موقعي تي اسلام آ??اد جي قدرتي خوبصورتي کي اجاگر ڪيو ويندو. ايس سي او سربراهي ڪانفرنس جي شان مطابق انتظام ڪيا ويندا. هن لاڳاپيل اختيارين کي شهر کي سينگارڻ ۽ صفائي جي انتظامن جي حوالي سان هدايتون ڏنيون. اسلام آ??اد جي ڪمشنر ??حم?? علي رنڌاوا وفاقي وزير کي اڏاوتي ڪمن بابت آگاهه ڪيو. ان موقعي تي وفاقي گهرو سيڪريٽري، اسلام آ??اد جو چيف ڪمشنر ۽ سي ڊي اي جو چيئرمين پڻ وفاقي وزير سان گڏ هئا.