اسلام آباد-15 سيپٽمبر (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته آئيني ترميمون اهم ۽ سنجيده معاملو آهي جنهن لاءِ مشاورت جاري آهي، چارٽر آف ڊيموڪريسي اندر واعدو ڪيو ويو هو ته ??نص??ف جي فراهمي کي آسان بڻايو ويندو، پارليامينٽ سپريم ادارو آهي ۽ ان کي آئين ۽ قانون ۾ ترميم جو حق حاصل آهي، عوام پنهنجي ووٽن سان چونڊي اسان کي پارليامينٽ ۾ موڪليو آهي، اهو اسان جي فرضن ۾ شامل آهي ته عوام جي مفاد ۾ اهڙي قانونسازي ڪئي وڃي جنهن سان عوام کي فائدو پهچي، انهن ترميمن سان ??ر پاڪستاني جي زندگي ۾ بهتري ايندي. هو پارليامينٽ هائوس ٻاهران ??يڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. وفاقي وزير چيو ته آئيني ترميمن ۾ دير جو سبب صرف ۽ صرف مشاورتي عمل آهي جنهن جو دائرو وسيع ڪيو ويو آهي.هن چيو ته حڪومت پنهنجي اتحادين ۽ سياسي پارٽين سان ۽ مولانا فضل الرحمان ??خالف ڌر پارٽين سان ??شاورت ڪري رهيو آهي، اسان جي به انهن سان ڳالهه ٻولهه جاري آهي. وفاقي وزير چيو ته اڄ جمهوريت جو ??ين??ن آهي ۽ هي جمهوري حسن آهي ته سموريون سياسي پارٽيون ان ??ين??ن اهم آئيني ترميمن لاءِ مشاورتي عمل ۾ شريڪ ٿين. وفاقي وزير چيو ته هي پاڪستان جي تاريخ جو هڪ اهم موڙ آهي، چارٽر آف ڊيموڪريسي اندر واعدو ڪيو ويو هو ته ??نص??ف جي فراهمي کي آسان بڻايو ويندو، ملڪ ۾ ??نص??ف جو نظام بهتر ڪ??ڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ هڪ هڪ شق ۽ هڪ هڪ نقطي تي مشاورت ڪئي پئي وڃي. وفاقي وزير چيو ته پهرين به چيو هو ته ڪنهن خاص شخصيت لاءِ اهي ترميمون نه پيون ڪيون وڃن پر انهن ترميمن سان ??ر پاڪستاني جي زندگي ۾ بهتري ايندي، پارليامينٽ هن ملڪ جو سپريم ادارو آهي ۽ان کي آئين ۽ قانون ۾ ترميم جو حق حاصل آهي. عوام پنهنجي ووٽن سان چونڊي اسان کي پارليامينٽ ۾ موڪليو آهي ان ??اءِ اها ڳالهه اسان جي فرضن ۾ شامل آهي ته عوام جي مفاد ۾ اهڙي قانونسازي ڪئي وڃي جنهن سان عوام کي فائدو پهچي. عطا تارڙ چيو ته آئيني ترميمن جي حوالي سان ??ثبت ۽ مڪمل مشاورت مڪمل ڪ??ڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اسان جي ڪوشش آهي ته اڄ ئي ان تي اڳڀرائي ٿي وڃي. ميڊيا کي ٿيل اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويندو. هن وقت تائين ٿيل دير جو سبب صرف ۽ صرف مشاورت آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته مولانا فضل الرحمان سان ??لاقات ٿي آهي. پيپلزپارٽي جي وفد سان به ساڻس ملاقات ڪئي آهي، ??نص??ف کي حاصل ڪرڻ لاءِ سٺو قدم کنيو ويو آهي ته ان جي حق ۾ آواز اٿارڻ گهرجي. هن چيو ته آئيني ترميمون پاڪستان ۽ پاڪستان جي عوام لاءِ آهن، آئيني ترميمون سنجيده معاملو آهي، ان ۾ دير ٿي سگهي ٿي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آئيني ترميمن تي سير حاصل گفتگو ٿي وڃي ته سٺي ڳالهه آهي، مشاورت جي نتيجي ۾ اتفاق راءِ پيدا ٿي وڃي ته ان ۾ بهتري آهي. هن چيو ته ڪوشش آهي ته عوام تائين ترميمن جي حوالي سان سٺي خبر وڃي. اسان سمجهون ٿا ته اهي ترميمون جڏهن سامهون اچن ته سڀني کي خوشي ٿئي، قانوني ماهر بهترين راءِ کان آگاهه ڪن ٿا. هن چيو ته اڄ جمهوريت جو ??ين??ن آهي، اهو جمهوريت جو حسن آهي ته سموريون سياسي پارٽيون ان ??شاورت جو حصو آهن. دير جي حوالي سان ??يڊيا جي سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته وسيع تر سياسي مشاورت مڪمل ٿيڻ تائين آئيني ترميمن تي اڳتي وڌڻ ۾ دير ٿي ويندي آهي، حڪومتي پارٽين وچ ۾ مشاورت جو سلسلو جاري آهي.مولانا فضل الرحمان ??خالف ڌر پارٽين سان ??شاورت جاري رکي آهي، مولانا فضل الرحمان انهي آئيني ترميمن تي مشاورت ڪري رهيو آهي، مشاورت ۾ سمورين پارٽين جا قانوني ماهر موجود آهن.