اسلام آباد – 27 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ??ان وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي ملا??ات ڪئي جنهن ۾ بلوچستان جي سيڪيورٽي ۽ امن امان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي و?? ڪئي وئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ملاقات ۾ بلوچستان ۾ تازي دهشتگردي جي واقعن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. ملاقات ۾ بلوچستان ۾ امن امان قا??م ڪرڻ جي حوالي سان تجويزن تي پڻ خيالن جي ڏي و?? ڪئي وئي. صدر آصف علي زرداري چيو ته بلوچستان ۾ سيڪيورٽي صورتحال بهتر بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن. صدر دهشتگردن جي مڪمل خاتمي جي لاءِ موثر قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو.