اسلام آباد-11 سيپٽمبر (ا?? پي پي) مذهبي معامل?? ۽ ??ين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير چوڌري س??لڪ حسين سان يورپي يونين جي آزادي مذهب ۽ عقيدا بابت خصوصي ايلچي فرانس وين ڊيل وفد سان گڏ ملاقات ڪئي، ملاقات ?? مذهبي عدم برداشت جي وڌندڙ رجحان، دهشتگردي، فرقيواريت جي خاتمي، امن قائم ڪرڻ ۽ بين المذاهب هم آهنگي کي هٿ?? ڏيڻ جي حوالي س??ن خيالن ج?? ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير چوڌري س??لڪ حسين يورپي يونين جي خصوصي ايلچي کي مذهبي معامل?? ۽ ??ين المذاهب هم آهنگي واري وزارت ۾ اچڻ تي ڀليڪار ڪيو. ملاقات ?? ٻنهي ڌرين عدم برداشت جي رجحان ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ پرامن گڏيل مستقبل کي حاصل ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. وفاقي وزير چوڌري س??لڪ حسين چيو ته پاڪستان اقليتن جي حقن جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي، بين المذاهب هم آهنگي پاليسي جوڙي حتمي منظوري لاءِ ڪابينا ڏانهن موڪلي آهي، مذهبي رواداري کي هٿ?? ڏيڻ لاءِ سمورن مذهبن ۽ مسلڪن کان 700 کان وڌيڪ عالم پيغام پاڪستان تي صحيحون ڪيون، مذهب جي آڙ ۾ ڪنهن کي قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت ناهي، ملاقات ?? بين المذاهب هم آهنگي کي هٿ?? ڏيڻ لاءِ پاڪستان ۽ يورپي يونين ملڪن وچ ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو، وفد ۾ يورپي يونين جي پاڪستان ۾ سفير ڊاڪٽر رينا ڪيونا به شامل هئي.