سرينگر-04 آگسٽ (اي پي پي) والاريل ڪش??ير سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري (اڄ) 5 آگسٽ تي ”يوم استحصال ڪشمير“ طور ملهائيندا، ته جيئن 2019ع ۾ ان ڏينهن بي ??ي پي پاران هندو پرست حڪومت جي کنيل غيرقانوني قدمن خلاف پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي سگهن. ڪش??ير ميڊيا سروس موجب بي ??ي پي جي اڳواڻي ۾ ڀارتي حڪومت 5 آگسٽ 2019ع تي گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ عالمي قانون جي کليل نموني ڀڃڪڙي ڪندي ڀارتي آئين جي آرٽيڪل 370 کي ختم ڪندي علائقي کي فوجي ڪڙو چاڙهيو هو. آل پارٽيز حريت ڪانفرنس جي نظربند چيئرمين مسرت عالم بٽ ۽ شبير احمد شاهه ڪشميري عوام کي اپيل ڪئي آهي ته اهي 5 آگسٽ کي ڪارو ڏينهن ڪري ملهائين ته جيئن دنيا کي اهو و??ضح پيغام ڏئي سگهجي ته ڪشميري ڀارت جي ظالماڻن قدمن ۽ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي کي تسليم نه ٿا ڪن. حريت اڳواڻن جيل مان پنهنجي ??ار ??ار پيغامن ۾ چيو ته 5 آگسٽ 2019ع والاريل ڄمون ڪش??ير جي لاءِ ڪارن ڏهاڙن منجهان هڪ آهي. هنن چيو ته 5 سالن جي لاڳيتو فوجي ۽ پوليس ڪڙي، ظلم ۽ ڏاڍ توڙي انساني حقن جي ڀڃڪڙين سڄي علائقي ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي جنهن کي ڀارت جي هندو پرست حڪومت هڪ ٽارچر سيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي.