دوشنبي – 02 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستاني وفد سان گڏ تا??ڪستان جي ٻن ??ينهن جي دوري تي دوشنبي پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب دوشنبي ايئرپورٽ تي تا??ڪ وزيراعظم قاهر رسول زاده، توانائي ۽ پاڻي وسيلن واري تا??ڪ وزير دلير جمعه، تا??ڪ پرڏيهي نائب وزير فرخ شريف زاده، دوشنبي جي ميئر جمشيد تبرزاده ۽ پاڪستان ۾ تا??ڪستان جي سفير يوسف شريف زاده، تا??ڪستان ۾ پاڪستان جي سفير محمد سعيد سرور ۽ اعليٰ سرڪاري ۽ سفارتي عملدارن وزيراعظم جي آجيان ڪئي.
دوشنبي ايئرپورٽ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف سان تا??ڪ هم منصب قاهر رسول زاد?? ملاقات ۽ ڳالهه ٻولهه ڪئي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف دوشنبي ۾ اسماعيل ساماني جي يادگار پهتو ۽ اتي گل رکيا. اسماعيل ساماني وچ ايشيا جي تا??يخي شخصيت ۽ تا??ڪستان جو قومي هيرو آهي جنهن نائين ۽ ڏهين صديءَ ۾ تا??ڪستان ۽ خراسان جي علائقي تي حڪومت ڪئي ۽ تا??ڪ قوم کي تا??يخي ترقي جي راهه تي گامزن ڪيو.