اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) پاڪستان حڪومت ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (وچ ا??ڀر) رضوان سعيد شيخ کي واشنگٽن ۾ پاڪستان جو نئون سفير مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پ??يس بريفنگ ۾ چيو ته عاصم افتخار کي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جو اضافي مستقل نمائندو مقرر ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو آهي. عاصم افتخار هن وقت فرانس ۾ پاڪستا?? جي سفير طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.