اسلام آباد – 04 – جون (اي پي پي) ??يب??پختونخواهه جي گورنر فيصل ??ري?? ڪنڊي سان قومي خابرو ايجنسي ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي ملاقات ڪئي. ايم ڊي اي پي پي ??يب??پختونخواهه جي گورنر کي اي پي پي جي نيٽ ورڪ، نيوز سروسز ۽ ٻين معاملن بابت تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اي پي پي اردو، انگريزي، سنڌي، بلوچي، پشتو، عربي ۽ چائنيز سميت ڪي??ري?? ئي زبانن ۾ خبرون ۽ فيچرز قومي، علائقائي ۽ عالمي اخبارن کي فراهم ڪري رهي آهي، ان کانسواءِ وڊيوز ۽ ڊيجيٽل سروس جي ذريعي خبرون اليڪٽرانڪ ميڊيا کي پڻ فراهم ڪيون پيون وڃن. ان موقعي تي ??يب??پختونخواهه جي گورنر جو چوڻ هو ته اي پي پي رياستي ميڊيا جو هڪ اهم حصو آهي جيڪو نه رڳو پاڪستان پر سڄي دنيا ۾ ملڪ جي مثبت تشخص کي اجاگر ڪرڻ ۽ نظريه پاڪستان جي بيانيي جي فروغ ۾ اهم ڪر??ار ادا ڪري رهيو آهي. فيصل ??ري?? ڪنڊي ??يب??پختونخواهه ۾ اي پي پي جي نيٽ ورڪ کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ تي زور ڏنو جنهن تي ايم ڊي اي پي پي خاطري ڪر??ئي ته ??يب??پختونخواهه ۾ اي پي پي جي نيٽ ورڪ کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا ويندا.