اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) وقت?? صدر سيد يوسف رضا گيلاني ايران جي سفارتخاني جو دورو ڪيو جتي هن ايران ۾ هيليڪاپٽر حادثي ۾ ايران?? صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم ??ئيسي، پرڏيهي وزير ۽ ٻين جي شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب وقت?? صدر جو ايران?? صدر جي شهادت تي پاڪستاني حڪومت ۽ ع??ام پاران گهري ڏک جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي وقت?? صدر سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته پوري قوم ايران?? صدر جي شهادت تي ڏکويل آهي، ايراني ڀائرن ۽ ڀينرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، ايران?? صدر جي شهادت اسلامي دنيا جي لاءِ هڪ عظيم ??قصان آهي، صدر ابراهيم ??ئيسي هڪ نيڪ انسان، عالم ۽ پاڪستان جو عظيم ??وست هو، صدر ابراهيم ??ئيسي جي شهادت سان مسلمان امت هڪ عظيم ??ڳواڻ کان محروم ٿيو ئي آهي. وقت?? صدر پاڪستان ۾ ايراني سفير رضا اميري مغدم سان پڻ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ تاريخي، ثقافتي ۽ ادبي رابطي تي ٻڌل بهترين لاڳاپا آهن، ٻنهي ڀائر ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي لاءِ عوامي رابطا ۽ پارلياماني مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان ۾ مقرر ايران جي سفير چيو ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ بهترين لاڳاپا آهن، پاڪستان سان لاڳاپن جو فروغ ايران جي پرڏيهي پاليسي جو بنيادي جز آهي، ايران جي سپريم ??يڊر پاڪستان سان لاڳاپن جي فروغ تي خصوصي زور ڏنو. هن چيو ته مرحوم صدر رئيسي جو پاڪستان جو تازو دورو ان ڏس ۾ هو. ايراني سفير تعزيتي پيغامن، ايراني ع??ام جي ڏک ۾ شريڪ ٿيڻ تي پاڪستاني ع??ام ۽ حڪومت جا ٿورا مڃيا. وقت?? صدر سيد يوسف رضا گيلاني ايراني سفارتخاني ۾ مهمانن جي ڪتاب ۾ تعزيتي تاثر پڻ لکيا.